شست پتا پترتال

شست پتا پترتال: هي تال به قديمي گائڪيءَ جي دور جو آهي، جڏهن راڳ شورتين ۽ مورڇنا واري رنگ ۾ ڳايو ويندو هو ۽ هي
تال گهڻو ڪري ماترن جي لڙين ۾ پرويل راڳ ۽ گائڪيءَ جي انگ يعني ڌرپد ۾ ماترن جو وڇايل هوندو هو. هن شست پترتال ۾ ڌرپد گائڪي جي صنف پيش ڪئي ويندي هئي. هي تال اڄ به ڪلاسيڪل گائڪ راڳ جي شڪل کي 48 ماترن جي هيٺين زمين ٺاهي راڳ جون شڪليون ڏسيندا آهن. يعني 12 ماترن جي تال جي هر هڪ ماتري کي 4 ماترن جي دم سان هلائبو ته 12 ماترن جا 48 ماترا ملي پوندا.
هي علم گنتڪاري، جنهن سان تال ٺاهيا ويا آهن، تنهن جو جنم پڻ علم الجبراء سان آهي. هاڻ سَم واري ماتري کي اهڙي وزن سان بيهاربو، جيڪو وزن گائڪ راڳي گلي جي سُرن وسيلي بيهاري انهيءَ کي لئه جو دائرو چئبو آهي.
سَم X
1 2 3 4
هن ۾ 1 ماتري جي مٿان X سَم جو نشان ڏنل آهي ۽ ماتري جون 4 ضربون ڏنيون ويون آهن. اهڙيءَ طرح سان جيڪڏهن اهڙا 12 نقشا ٺاهيا ويندا ته 48 ماترن جو لڪشڻ ملي پوندو. ماترائن جو تعداد 46 / 6 هرهڪ خاني ۾ 1 ماترو ۽ 3 ضربون گڏيل آهن.
1 ضرب: 2 3 4 5 6= 24
X - - - ڌن - - - ڌا- گهه- ت ٽ ڪ ٽ تُ - - - تا - - -
1 2 3 4 2 3 4 5 3 4 5 6 4 5 6 7 8 9 10 11 12 22 23 24
7 8 9 10 11 12 = 48
ڪ - - - تا - - - ڌا- گهه - ت ٽ ڪ ٽ تُ - - - تا - - -
13-14-15-16 14-15-16-17 18-19-20-21 22-23-24-25 26-27-28-29


هن صفحي کي شيئر ڪريو